ڍورونارو (ن پ ا) ڍورونارو ۾ معمولي ڳالهه تان مبينا طور نوجوان دوست کي قتل ڪرڻ بعد پاڻ آپگهات ڪري ڇڏيو، ان ڏس ۾  ڍورونارو دڙو تي گھر ٻاهران 2 دوست 23 ورھين جو ديپڪ ڪلال ۽  16 ورھين جو شعيب جئپوري پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رھيا ھئا ته اوچتو ديپڪ ڪلال پنهنجي دوست شعيب کي مبينا طور گولي ھڻڻ بعد پنهنجي پاڻ تي مبينا طور پسٽل جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو،

پاڙي وارن ٻنھي کي رورل ھيلٿ سينٽر ڍورونارو پھچايو، جتي ڊاڪٽرن ٻنھي جي موت جي تصديق ڪئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ان حوالي سان علائقي واسين موجب ته ٻئي دوست پاڻ ۾ ڪچهري ڪري رهيا هئا ته ديپڪ 16 ورهين جي شعيب کي گولي هڻي پاڻ آپگهات ڪيو، ٻي پاسي شعيب جئپوري جي والد بابو جئپوري  ۽ ديپڪ ڪلال جي ڀاءُ ڀگوانداس ڪلال ٻڌايو ته اسان پاڻ ۾ پاڙيسري آھيون، اسان پنهنجي ڪاروبار تي شھر ھئاسين،

اسان کي اوچتو اطلاع مليو ته ڇوڪرا گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿي پيا آهن، جن کي پاڙي وارن اسپتال پهچايو آهي، اسان اطلاع تي اسپتال پھتاسين ته ٻئي نوجوان فوت ٿي چڪا ھئا، هنن وڌيڪ ٻڌايو ته   ٻئي ڇوڪرا پاڻ ۾ سٺا دوست ھئا، اسان کي خبر ناهي ته ڪھڙي ڳالھ تان ھنن ايڏو وڏو قدم کنيو آهي،  هوڏانهن ايس ايچ او ڍورونارو مومن گجو ٻڌايو ته واقعي واري ھنڌان پسٽل مليو آهي 2 فائر ٿيل کالي کول به  ھٿ ڪيا آهن، ھن چيو ته ٻنهي ڇوڪرن جي وارثن ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو آهي، وارث ڪيس داخل ڪرائڻ آيا ته ڪيس داخل ڪبو، واقعي جو ڪارڻ معمول نه ٿيو آهي، جاچ ڪري رهيا آهيون.