ڍورونارو(ن پ ا) ڍورونارو شھر ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، جنهن سبب رهواسي مليريا سميت مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، ان حوالي سان شهر جي سياسي سماجي اڳواڻن سروڻ ڪمار سوڍو، اي بي آريسر، منور راڄڙ، حاجي  خان ڪوري، ھاليو ڪولھي ۽ ٻين دانهيندي چيو ته شڪايتن باوجود انتظاميا دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، نوٽيس وٺي علائقن مان پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي.