ڍنڍن تي قبضا ۽ مهاڻن جي حقن تي ڌاڙا نامنظور: بدين ۾ فشر فوڪ فورم جو مارچ

0
332
ڍنڍن تي قبضا ۽ مهاڻن جي حقن تي ڌاڙا نامنظور: بدين ۾ فشر فوڪ فورم جو مارچ
ڍنڍن تي قبضا ۽ مهاڻن جي حقن تي ڌاڙا نامنظور: بدين ۾ فشر فوڪ فورم جو مارچ

بدين: سنڌ ۾ ڍنڍن ۽ ڍورن تي قبضن ۽ مهاڻن جي حقن تي ڌاڙن خلاف مهاڻن جي تنظيم پاڪستان فشر فوڪ فورم جي سڏ تي احتجاجي مارچ ڪيو ويو

تنظيم جي سربراهه مهراڻ علي شاهه، ياسين شاهه ۽ ٻين جي قيادت ۾ سوين ماڻهن  ڊي سي او چوڪ کان ايوان صحافت بدين تائين احتجاجي مارچ ڪيو

ان موقعي تي ڳالهائيندي مهراڻ شاهه، ياسين شاهه ۽ ٻين چيو ته بدين ضلعي جي ڪيترن ئي ڍنڍن توڙي ڍورن تي وڏيرن قبضا ڪري ورتا آهن، جنهن سبب هزارين مهاڻن جو روزگار ٺپ ٿي ويو آهي

مهراڻ شاهه چيو ته مٺي پاڻي جو ڇوڙ بند ٿيڻ سبب هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ پائي ويو آهي، جڏهن ته لکين مهاڻا پيئڻ جي صاف پاڻي لاءِ پڻ پريشان آهن

مهراڻ شاهه موجب سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويندڙ مهاڻن کي پاڙيسري ملڪ ڀارت گرفتار ڪري جيلن ۾ بند ڪري ڇڏي ٿو، سوين مهاڻا اڄ به ڀارتي جيلن ۾ سڙي رهيا آهن پر پاڪستاني حڪومت مهاڻن جي آزادي توڙي غير قانوني گرفتاري خلاف ڀارتي اختيارين سان ڳالهائڻ به پسند نٿي ڪري، اِهو مهاڻن سان تاريخ جو بدترين ظلم آهي

اڳواڻن چيو ته فشر فوڪ فورم مهاڻن جي تنظيم آهي، اسان ذاتي مفادن لاءِ نه پر مهاڻن جي ڀلائي لاءِ نڪتا آهيون، پر ڪجهه ماڻهو قبضا مافيا جي فرمائش تي تنظيم ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته جيئن مهاڻن جو سگهارو آواز هميشه لاءِ دٻجي وڃي، پر اِها سازش ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين

فشر فوڪ فورم مطالبو ڪيو آهي ته بدين سميت سنڌ جي ڍنڍن ڍورن تي قبضا ختم ڪرائي مهاڻن جي روزگار ۾ پيدا ڪيل رنڊڪون ختم ڪيون وڃن ۽ ڀارتي جيلن ۾ قيد مهاڻن جي آزادي لاءِ فوري طور قدم کنيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي