پيرو (انٽرسٽنگ نيوز) سائنسدانن هڪ نئين قسم جي سانڊي دريافت ڪري ورتي آهي، جيڪا پيرو جي نيشنل پارڪ مان ملي آهي. ايڊيز جبل جي جابلو سلسلي ۾ حياتياطي تحفظ لاءِ ڪم ڪندڙ قومي پارڪ م ماهرن کي ڪسڪو جي علائقي مان هڪ نئين قسم جي سانڊي هٿ آئي آهي، جنھن کي “پروڪٽوپورس ٽائٽنس” جو حياتيياتي نالو ڏنو ويو آهي، پر هي وڏجن جبلن تي ئي هوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هي سانڊي سڀ کان پهرين 3241 ميٽر اوچائي تي ڏٺي وئي. هن سانڊيءَ جو رنگ گهرو سرمائي آهي. ان جي ڌڙ جي چوڌاري ڦِڪي ۽ سونهري رنگ جا کَل جهڙا داغ آهن. ان جو پڇ  پوري ڌڙ کان به وڏو آهي. واضح رهي ته هن قومي پارڪ جو نالو “اوٽيشي نيشنل پارڪ” آهي. جنهن جي ايراضي ساڍا 7 لک ايڪڙ آهي، هي ڊگھو جابلو سلسلي تي پکڙيل هڪ وسيع پارڪ آهي. ماهرن جي ٽيم مليل سانڊيءَ تي وڌيڪ تحقيق ڪري رهي آهي.