ڌيان هٽائڻ جي ڪرمنل مائنڊ گيم..!!

0
187
ڌيان هٽائڻ جي ڪرمنل مائنڊ گيم..!!

 شروع شروع ۾ جڏهن برساتن نقصان ڪرڻ شروع ڪيو ته سنڌ جي شهرن کان رڳو انتظامي نااهلي جون شڪايتون پئي آيون، ڊرينيج نظام ناڪاره هئڻ جون شڪايتون پئي آيون، ڇو ته ڪي به اڳواٽ اپاءَ نه ورتا ويا هئا، پاڻي جي نيڪال جو نظام درست نه ڪيو ويو هو، اهو ئي سبب هو جو شهرن جا شهر پاڻيءَ هيٺ اچي ويا هئا، ان برساتي پاڻيءَ سان گڏ ڊرينيج جو پاڻي به شامل ٿي ويو هو! مطلب هر هنڌان رڳو انتظامي نااهلي جون خبرون پئي آيون، سوشل ميڊيا تي وڊيوز وائرل پئي ٿيون! جنهن جو فوري حل حڪمرانن کي ٻيو ته ڪو ڪونه سجهيو، ابتو هنن “ڪرمنل مائنڊ گيم” کيڏڻ شروع ڪئي! اهڙي ڪرمنل گيم، جنهن سان سڄو عوام جو ڌيان انتظامي نااهلي تان ڦيرائي سڄو جو سڄو ڏوهه قدرتي آفت تي وڌو وڃي، پر هنن کان اهو ڪرڻ ۾ به ڪافي غلطيون ٿيون، جيئن فلمن ۾ ڊائريڪٽر کان باريڪ غلطيون رهجي وينديون آهن، جيڪي پوءِ وقت بوقت ليڪ ٿينديون رهنديون آهن، بلڪل ايئن ئي، هنن به بلنڊر ڪيا!

                 قدرتي آفت ته هئي سو هئي، پر هنن ٺهيا ٺڪيا وسندڙ ڪندڙ شهر هٿ سان مختلف نالن، واهن، شاخن کي ڪٽ ڏئي ٻوڙايا، خاص طور تي ڪي اين شاهه ۽ ٺري ميرواهه جهڙا ڳتيل آبادي وارا شهر ٻوڙائڻ جو فقط ۽ فقط سياسي مقصد هنن جو سڄي سنڌ ۾ “انتظامي نااهلي” تان ڌيان هٽائڻ هو! ميڊيا جون نظرون فقط انهن شهرن ڏانهن مرڪوز ڪرڻ هو! نوجوان جيڪي ڏينهون ڏينهن سوشل ميڊيا تي انتظامي نااهلي جون وڊيوز وائرل ڪري رهيا هئا، هاڻي انهن جون اهي وڊيوز وائرل نه ٿي رهيون هيون، هاڻي هنن جي اها واويلا اثر وڃائي ويٺي هئي، ڇاڪاڻ ته هاڻي هنن انهن کان وڏو اشو پيدا ڪري ڇڏيو هو!

هنن ڳتيل آبادي وارا شهر ٻوڙي لکين ماڻهن کي دربدر ڪري، سڄي دنيا جون نظرون اوڏانهن ڦيرائي ڇڏيون هيون ۽ پاڻ، جن هٿ سان ڪٽ ڏئي اهي شهر ٻوڙايا اهي مظلوم ٿي پنڻ لاءِ نڪري پيا هئا! جيڪا امداد به ڀل جهاز ڀرجي ڀرجي اچن، پر تازو ئي مختلف شهرن مان انهن جي ئي خوشامدن ۽ چونڊيل نمائندن جي ماڻهن جي گدامن مان پئي ملي! نه ڪوئي انهن کان پڇڻ وارو آهي ۽ نه ئي وري متاثرن جي ڪو دانهن ٻڌڻ وارو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جيڪي ماڻهو گهرن کان بي گهر ٿيا، انهن کي نه ته جوڳي رهائش ڏني وئي ۽ نه ئي انهن جي لڏپلاڻ لاءِ ڪو گاڏين وغيره جو انتظام ڪيو ويو! نه ئي ڪيمپن جو جوڳو انتظام ٿي سگهيو. جتي جتي به ڪيمپون لڳيون، اتي به سهولتن جي اڻهوند جون دانهون اينديون رهيون، جيڪي اڃا تائين اچن پيون. مٿان وري هاڻي بيمارين منهن ڪڍيو آهي، پاڻي بيهڻ سبب گيسٽرو ۽ مڇرن جي آزار سان ڊينگي سڄي سنڌ کي متاثر ڪيو آهي، ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، شهرن ۾ اسپتالون ۽ صحت مرڪز غير فعال ٿي چڪا آهن! جيڪي اسپتالون ۽ صحت مرڪز فعال آهن، اتي به ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ ماڻهن کي لوڀ نه پئي ڏئي سگهي!

ساڳي ڪرمنل مائنڊ گيم هاڻي، انهن جي ئي ڳچي پئجي وئي آهي، هاڻي وري ڦري ڳالهه اچي انتظامي نااهلي تي بيٺي آهي! نه ڄاڻ هاڻ ڪهڙو ڪلور ڪيو ويندو، ان ٻرندڙ اشو تان ڌيان هٽائڻ لاءِ!؟ ڇاڪاڻ ته عملي ڪم ته هي ڪري ناهن سگهندا، پوءِ ڌيان هٽائڻ لاءِ اهڙيون اهڙيون بيوقوفيون ڪندا آهن، جن جا نتيجا سڄي سنڌ ڀوڳيندي آهي ۽ جنهن جا اثر ورهين تائين رهندا آهن، هنن جي اهڙن فيصلن سان جيڪي شهرن جا شهر ڊهي تباهه ٿي ويا!؟ ڇا انهن کي اهي گهر ٺهي ملندا!؟ ڇا ويجهي مستقبل ۾ انهن جي مڪمل بحالي جو ڪو امڪان نظر اچي ٿو. گهٽ ۾ گهٽ جيڪا عالمي امداد ملي رهي آهي، جيڪڏهن اها به حقيقي متاثرن تائين پھچائي وڃي تھ ان جو  ازالو ٿي سگهي ٿو. پر ايئن به ٿيندو نظر نه پيو اچي.

اسان جي سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن کي گهرجي ته انهن معاملن تي پنهنجي ڌيان ۾ رکن ڪن! ۽ جيترو پڄي سگهي پنهنجا وسيلا استعمال ڪري لاڳاپيل اختيارين تائين آواز پهچائين ۽ انهن کي پابند بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪن، ڇاڪاڻ ته حڪومتن کي پنهنجي ذميداريءَ جو احساس ڏيارڻ ۽ انهن کان ڪم ڪرائڻ ۾ ڪنهن به معاشري جي سول سوسائٽي ۽ سماجي تنظيمن جو وڏوهٿ هوندو آهي! اسان وري به هٿ ٻڌي لاڳاپيل اختيارين ۽ واڳ ڌڻين کي اپيل ٿا ڪريون ته پنهنجي صفن مان “ڪارين رڍن” کي ڪڍي، شفاف امداد جي ورڇ ۽ متاثرن جي مدد کي يقيني بڻايو وڃي ۽ “ڪرمنل مائنڊ گيم” کيڏندڙن کي وائکو ڪري، انهن کي اهڙن ذميدار عهدن کان ڌار ڪيو وڃي! ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن ايندڙ مستقبل ۾ به پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ڌيان هٽائڻ جا اهڙا حربا استعمال ڪيا ويندا رهيا ته سموري سنڌ تباهه ٿي ويندي، جنهن جو سڌو سنئون نقصان به وري به اقتداري ڌر کي ئي ٿيندو! ڇاڪاڻ ته انهن جو ووٽ بئنڪ وري به سنڌ ۾ ئي آهي ۽ آخر ۾ وري به اهي سنڌ ڪارڊ ئي کيڏي ايوانن تائين پهچندا آهن!

جيڪو ٿي چڪو ان کي ته تبديل نٿو ڪري سگهجي پر گهٽ ۾ گهٽ انهن دربدر ٿيل برسات ۽ ٻوڏ متاثرن کي بهتر ڪيمپنگ ۽ صحت جون سهولتون ڏئي، انهن کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي ٿو ۽ شهرن ۾ بيٺل پاڻي جي نيڪال لاءِ وڏي سطح تي تڪڙا قدم کڻي وڌيڪ انساني سانحي کان بچي سگهجي ٿو! ايئن نه ٿئي ته ڪورونا جيان ڪا  وبا ڦهلجي! جنهن تي پوءِ ضابطو آڻڻ هنن جي وس ۾ نه هوندو. اڃا به وقت ناهي ويو، شفاف طريقي سان امداد جي ورڇ ڪندڙ مقرر ڪيا وڃن ۽ صحت جي سهولتن جي فراهمي کي مڪمل طور يقيني بڻايو وڃي، ٻي صورت ۾ انتظامي نااهلي سان سوين لکين انساني جانيون ضايع ٿي سگهن ٿيون! ٿورو لکيو گهڻو سمجهندا..!!

سنڌ سلامت، ساٿ سلامت..