ڌمڪيون ۽ ڳالھيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن: حڪومت جو عمران خان کي جواب

0
252

اسلام آباد (بيورو رپورت) حڪومت عمران خان کي ڳالھيون ڪرڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو آھي، وفاقي وزيرن جو چوڻ آھي ته ڌمڪيون، گاريون، الزام ۽ ڳالهيون گڏ نه ٿيون هلي سگهن، ٽئين طاقت مداخلت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي، ڳالهيون عمران خان جي ضرورت آهن اسان جي نه

وفاقي وزيرن راڻا ثناءُ الله ۽ خواجا سعد رفيق اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سياستدان ڪڏهن به ڳالهين کان انڪار نه ڪندا آهن، ڳالهين وارو معاملو پي ڊي ايم ۾ کڻي وينداسين

Trending news: Imran Khan On US: 'A powerful country is upset with my going to Russia', without naming Imran Khan again targets America - Hindustan News Hub

وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو  ته عمران خان جي ڳالهين واري آڇ تي پي ڊي ايم گڏجي فيصلو ڪندي، عمران خان پوڻن چئن سالن تائين اپوزيشن سان هٿ نه ملايو اسان کي ڌمڪيون ۽ شرط قبول نه آهن

خواجا سعد رفيق چيو ته ڳالهيون ڪڏهن به مشروط نه ٿينديون آهن، اسيمبليون ٽوڙڻ سان نقصان عمران خان جو ئي ٿيندو

ھي به پڙھندا

عمران خان جي آڇ تي راڻا ثناءُ الله جو طنز

عمران خان کي پنهنجن ڪرتوتن جي ڪري اندر وڃڻو آهي: وفاقي گھرو وزير