ڪوٽڙي: ڪوٽڙي بم ڌماڪي کان پوءِ سنڌ يونائٽيڊ پارٽي جي ڪارڪن محمد عالم ٻگهيو کي ٻٽ  ٻڌل نامعلوم ماڻهو خدا جي بستي ۾ سندس هوٽل تان کنڀي کڻي ويا. هوٽل تي موجود ماڻهن موجب عالم ٻگهيو هوٽل تي ويٺل هو ته ٻن ويگو گاڏين ۾ سوار ست اٺ هٿيار بند کيس تشدد ڪندا گاڏيءَ ۾ وجهي کڻي ويا. پوليس اهڙي ڪنهن به ڪارروائيءِ کان لاتعلقي ڏيکاري ڇڏي آهي جڏهن ايس يو پي اڳواڻن ۽ عالم ٻگهيو جي وارثن موجب عالم ٻگهيو جيئي سنڌ جي مختلف ڌڙن ۾ پرامن سياست ڪرڻ کان پوء ڪافي عرصي کان ايس يو پي جو ڪارڪن هو ۽ هڪ پر امن سياسي ڪارڪن هيو، جنهن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، ايس يو پي ضلعي ڄامشوري پاران کيس آزاد نه ڪرڻ جي صورت ۾ اڄ ڪوٽڙيءَ ۾ احتجاجي ڌرڻي جو اعلان پڻ ڪيو آهي.