خيرپور (رپورٽر) راڻيپورواسي 8 ورهين جي معصوم نينگر آديش ڪمار جي بازيابي لاءِ ڌرڻو هڻڻ تان قومپرست اڳواڻن  تي داخل ڪيس جي ٻُڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ٿي، ان موقعي تي عدالت ڪيس ۾ نامزد جسقم جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، ايڊووڪيٽ نور محمد تنيو، پروفيسر ساجد سومرو سميت 16 ڄڻن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ۾  27 اگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي. ياد رهي ته راڻيپور مان اغوا ڪيل معصوم نينگر آديش ڪمار جي بازيابيءَ لاءِ جسقم جي ڪارڪنن سميت وڪيلن، سول سوسائٽي جي ماڻهن ۽ زندگي جي ٻين شعبن سان تعلق رکندڙن طرفان راڻيپور قومي شاهراهه تي هنيل ڌرڻي تان 200 کان وڌيڪ ماڻهن تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو هو.