سکر: پنهنجي اخبار پاران رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او ايئرپورٽ ٿاڻو اقبال ڊومڪي ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين ۾ 15، 20 سالن کان زميني ۽ سڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي. جنهن تان اڳ به 5 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. سندس چوڻ هو ته قتل ٿي ويل ملوڪ جو الزام شاهنواز جتوئي واري ڌر تي هو، پلاند ۾ صوبي خروس جتوئي واري ڌرالله وڌايو خروس ڳوٺ تي حملو ڪيو جنهن دوران 3 عورتون ۽ 2  ٻارڙا مارجي ويا آهن.