پنوعاقل/اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) “ڌاڙيل ماري ڇڏيندا” پنوعاقل ۽ سکر واسي 3 مغوين تي تشدد واري وڊيو وائرل، ان ڏس ۾ پنوعاقل مان 2 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل 2 مغوين کي سکر پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، مغوين تي تشدد واري ويڊيو وائرل ٿي وئي آهي،  بائيجي ٿاڻي جي حد مان 2 مهينا اڳ اغوا ٿي ويل مغوي ذاڪر ڪورائي ۽ محبوب نوراجو مٿان ڌاڙيلن پاران تشدد ڪري ويڊيو وائرل ڪئي وئي آهي، ويڊيو ۾ مغوين تي تشدد ڪري وارثن کان ڀنگ جا پئسا موڪلڻ لاءِ چورايو پيو وڃي، جڏهن ته اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد مغوين جي وارثن پاران نوجوانن جي جلد بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ٻي طرف سکر جي قريشي پاڙي جي رهواسي پورهيت نوجوان فياض احمد ميراڻي 18 ڏينهن اڳ مبينا طور اغوا ٿي ويو هو، پوليس اڃا تائين مغوي کي بازياب نه ڪرائي سگھي آهي، جوابدارن پاران مغوي کي ھٿن ۽ پيرن ۾ زنجير ٻڌي تشدد واري ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ ڏسي ۽ ٻڌي سگهجي ٿو ته مغوي پنهنجي وارثن کي روئي دانهون ڪندي چوي ٿو ته ڌاڙيلن کي 20 لک رپيا ڀنگ ڏئي منهنجي جان بچايو، نه ته مونکي ماري ڇڏيندا، ٻي طرف مغوي جي وارثن غلام فريد ميراڻي، اربيلو، امام بخش ميراڻي، مائي گل ناز  ۽ ٻين ٻڌايو ته اسان جو جونوان 18 ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويو، ڌاڙيلن فون ڪري  20 لک رپيا ڀنگ گهري آهي، غريب آهيون، ڀنگ نه ڀري سگهنداسين، نوٽيس وٺي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي.