ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)  جامع دارالفيوض ۾ جلسي کي مولانا راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو ته عمران اقتدار اچڻ بعد ڪيل واعدن تان ڦري ويو، ڊالر جي اڏام سبب مھانگائي جو طوفان آيو. مھانگائي خلاف آواز بلند ڪيون ٿا، وزيراعظم آڏو سنڌ جي تقسيم بابت واضع پيغام ڏنو. شڪارپور، گھوٽڪي، ڪشمور ضلعن ۾ رھندڙ ڌاڙيلن کي اپيل ٿو ڪيان ته غريبن جي ٻچن کي کي اغوا نه ڪيو.  اميرن، جاگيردارن، وڏيرن ۽ سنڌ لٽيندڙن جا ٻچا اغوا ڪري انهن کان ڏوڪڙ وٺو.ايندڙ اليڪشن ۾ اسان کي ووٽ ڏيو، نه ته سڀاڻي معيارون نه ڏجو، ڪراچي کان ڪشمور تائين جي يو آءِ جوساٿ ڏيو.سي ايم جي ڪرسي تي جي يو آءِ جي عالم کي ويھاريو، سڄي سنڌ ۾ ڪو بکيو نه رھندو.