ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) آءِ جي سنڌ غلام نبي  ميمڻ چيو آھي تھ ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جاري آھي، سندن چرپر روڪڻ لاءِ  چوڪيون قائم ڪيون آھن، آپريشن دوران اسان جا اھلڪار شھيد ٿيا آھن، ڏوھارين کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪبو، منهنجي پاران ٺاهيل ٽاسڪ فورس جو مقصد منشيات جو خاتمو آھي،گٽڪي ۽ ماوا جي روڪٿام لاءِ پوليس ۽ ميڊيا کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، سينٽرل پوليس آفيس ۾ سنڌ پوليس ۽ پاڪ رينجرز جي شھيدن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ  ٿيل تقريب ۾ آءِ جي سنڌ پاران شھيدن جي يادگار تي گل رکي سلامي پيش ڪئي وئي، تقريب ۾ ڊي جي رينجرز، پاڪ فوج جي آفيسرن، واپارين، سول سوسائٽي، شهيد پوليس اهلڪارن جي خاندانن شرڪت ڪئي، ان موقعي تي آءِ جي سنڌ خطاب ڪندي چيو ته اسان شھيدن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، پوليس جي  شھيدن جو انگ 2445 آھي، شهيدن جي پگھار بند ناھي ٿيندي، اسان شھيدن جي ٻارڙن جي تعليم، صحت جو خيال رکڻ کانسواءِ  سندن ٻن ٻارڙن کي نوڪريون پڻ ڏيندا آھيون، ھن چيو ته پوليس جيتري مضبوط ھوندي دھشتگرد اوترا پري ھوندا، هن چيو ته اسان سرڪار کي تجويز ڏني هئي ته هجومن کي روڪڻ / منهن ڏيڻ لاءِ ڪرائوڊ مينيجمينٽ فورس ٺاهي وڃي،  سنڌ حڪومت انهي جي اجازت ڏئي ڇڏي آھي، هن چيو ته منشيات سنڌ ۾ ناھي ٺهندي، انهي کي بارڊر تي ئي روڪيو وڃي.