ڪراچي: سنڌ سميت ملڪ جي مختلف حصن مان اغوا، توڙي اغوا کانپوءِ بازياب ٿيندڙ ماڻهن جون موبائل سمون ۽ موبائل فون پڻ ڏوهارين جي استعمال هيٺ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. پوليس ذريعن موجب سينٽرل پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ مختلف ضلعن جي ايس ايس پيز بريفنگ دوران ٻڌايو  ته اڪثر وارداتن ۾ ڏوهاري اهي سمون استعمال ڪري رهيا آهن، جيڪي مختلف شهرين جي نالن سان رجسٽرڊ آهن آهن، انهن سمن جا مالڪ  يا ته اڳ ۾ اغوا بعد بازياب ٿي چڪا آهن يا وري اڃا تائين ڏوهارين جي قيد ۾ آهن، اهڙا موبائل نمبر ۽ موبائل سيٽ بلاڪ ٿيڻ گھرجن. جنهن تي آءِ جي سنڌ طرفان ڊي آءِ جي (سي آءِ اي) ۽ سي پي ايل سي عملدارن تي مشتمل هڪ ٽيم جوڙي وئي، جيڪا  تصديق بعد اهڙيون سمون ۽ موبائل فون بلاڪ ڪرائيندي