ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ ڌاڙيلن خلاف ڪارروائي لاءِ گھوٽڪي،شڪاپور ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ 500 اهلڪارن تي مشتمل فائيٽنگ فورس جوڙڻ ۽ ٽنهي ضلعن ۾ 300 کان 500 ميٽرن جي مفاصلي تي 200 پوليس چوڪيون  قائم ڪري 2 هزار اهلڪار مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ڪالهه سينٽرل پوليس آفيس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ گھوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ايس ايس پيز ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۽  ڏوهن جي روڪٿام بابت الڳ الڳ بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ پوليس آفيسرن ٻڌايو ته موجوده آءِ جي غلام نبي ميمڻ جي 1997 ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي هجڻ وقت ڪچي کي مڪمل سيل ڪيو ويو هو، اها حڪمت عملي بهترين ثابت ٿي هئي، هينئر به ڪچي کي سيل ڪرڻ سان ئي ڏوهارين خلاف اثرائتو آپريشن ٿي سگھي ٿو، جنهن تي آءِ جي سنڌ فيصلو ڪيو ته گھوٽڪي،شڪاپور ۽ ڪشمور جي ڪچي لاءِ  500 اهلڪارن تي مشتمل فائيٽنگ فورس جوڙي ويندي، جڏهن ته ٽنهي ضلعن ۾ 300 کان 500 ميٽرن جي مفاصلي تي 200 پوليس چوڪيون  قائم ڪري 2 هزار اهلڪار مقرر ڪيا ويندا. ذريعن موجب اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڏوهارين طرفان وارداتن جو طريقو تبديل ڪندي هاڻي عورتاڻي آواز تي هرکائي اغوا ڪرڻ جي جاءِ تي سوشل ميڊيا جو استعمال ڪيو پيو وڃي،  ڏوهاري سوشل ميڊيا تي حج ۽ عمري توڙي مختلف ملڪن جي ويزا، زرعي ڀاڻ ۽ ٻين اسڪيمن جي مارڪيٽنگ ڪن ٿا، شهري سستي پيڪيج تي عمري ۽ حج جي ادائگي توڙي مختلف ملڪن جي ويزا حاصل ڪرڻ جي لالچ ۾ پاڻ ڏوهارين سان رابطي ۾ اچن ٿا،  ڏوهاري کين پنهنجن مقرر ڪيل هنڌ تي گھرائي اغوا ڪن ٿا. ذريعن موجب ڏوهارين جي سوشل ميڊيا تي هلندڙ اڪائونٽس جي مانيٽرنگ لاءِ سي آءِ اي ۽ ايف آءِ اي جي عملدارن تي مشتمل ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اها ٽاسڪ فورس سي آءِ اي جي ڊي آءِ جي جي سربراهي ۾ جوڙي ويندي، ٽاسڪ فورس سوشل ميڊيا تي هلندڙ مختلف اسڪيمن جي حوالي سان مانيٽرنگ ڪندي،  ايف آءِ اي سان گڏجي جعلي پيجز، اڪائونٽس بلاڪ ڪرڻ سميت ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪندي ذريعن موجب آءِ جي سنڌ طرفان حڪم ڏنو ويو ته ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ ڌاڙيلن سان ڪنهن به سطح تي ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ڌاڙيلن سان ڪا به ڊيل نه ٿيندي، يرغمالين کي پوليس ايڪشن ذريعي بازياب ڪرايو وڃي