ڪراچي: گھوٽڪي، شڪاپور ۽ ڪشمور جا شڪي پوليس آفيسر ۽ اهلڪار گري لسٽ ۾ شامل، رينج مان نيڪالي ڏيڻ جو امڪان، پوليس ذريعن موجب سينٽرل پوليس آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾  پوليس آفيسرن ٻڌايو ته شڪي آفيسرن ۽ اهلڪارن جا نالا گري لسٽ ۾ شامل ڪيا ويا آهن، اهي  پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ماضي ۾ ڌاڙيلن سان ڳالهيون ڪري يرغمالين کي بازياب ڪرائڻ واري ڊيل جو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حصو رهيا آهن ، انهي ڪري مٿن  شڪ آهي. ذريعن موجب آءِ جي سنڌ لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ڊي آءِ جيز کي هدايت ڪئي ته اهي لسٽن کي ٻيهر چيڪ ڪن. ذريعن موجب گري لسٽ ۾ شامل  پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي رينج مان بدلي ڪيو ويندو