ڪراچي: آءِ جي سنڌ ڌاڙيلن خلاف ڄمي بيهڻ تي پوليس کي شاباس ڏيندي چيو ته شهيدن جو رت رائگان وڃڻ نه ڏينداسين.  ڪچي جي علائقي ۾ گڏجي ڪارروايون ڪيون وڃن،ٽئي ايس ايس پي هڪٻئي سان رابطي ۾ رهڻ سان گڏ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان به رابطي ۾ رهن، انٽيليجنس نيٽ ورڪ کي مضبوط ڪيو وڃي،  ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين لاءِ کوجي ڪتن کان به مدد ورتي وڃي. آءِ جي سنڌ چيو ته افرادي قوت ۽ وسيلن جي درست استعمال تي خاص فوڪس ڪيو وڃي، گھوٽڪي، ڪشمور ۽ شڪارپور جي پوليس پڪٽن  کي سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، ڌاڙيلن جي مڪمل خاتمي تائين انٽيليجنس بيسڊ ڪارروايون جاري رهنديون. اجلاس ۾ سي پي ايل سي چيف اجلاس ۾ ٻڌايو ته ڌاڙيلن خلاف ڪاررواين ۾ سي پي ايل سي پوليس جي مڪمل تعاون ڪندي