ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جو ڪمال، ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ ڪچي بدلي ڪيل اهلڪارن ۾21 معذور اهلڪار به شامل هئڻ جو انڪشاف،  ان ڏس ۾ آءِ جي گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور جي ڪچي ۾ آپريشن لاءِ 2 ڏينهن اڳ ايس آر پي  جي 561 اهلڪارن کي بدلي ڪيو هو، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف آپريشن لاءِ بدلي ڪيل اهلڪارن ۾ 21 معذور اهلڪار به شامل آهن، 2 معذور اهلڪارن جون وڊيوز به منظرعام تي آيون آهن ، جن ۾ انهن اهلڪارن آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪندي چيو آهي ته اسان ڊيوٽي دوران معذور ٿياسين، ڌاڙيلن خلاف ڪهڙي ويڙهه ڪنداسين ؟  اسان جي بدلين جا آرڊر واپس ورتا وڃن