سکر (بيورو رپورٽ) ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي چيو آھي ته گهوٽڪيءَ ۾ آپريشن نه پر پوليس مغوين  جي بازيابي لاءِ ويل هئي، ڏوهارين خلاف آپريشن جي لاءِ حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي، جنھن بابت ميڊيا کي آگاھ نٿو ڪري سگھجي، ڪچي وارا علائقا پوليس جي لاءِ نوگو ايريا ناھن، ملڪ ۾ ھٿيارن ڪيئن ٿا پھچن، اها سڀني کي خبر آھي. سکر ڊويزن ۾ ھن وقت 7 مغوي ڏوھارين وٽ يرغمال بڻيل آھن. اھڙو اظھار ھن اي سيڪشن ٿاڻي کي شھيد انسپيڪٽر عبدالمالڪ ڪمانگر جي نالي منسوب ڪرڻ واري تقريب بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيو. ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ هو ته ڪچي وارا علائقا پوليس جي لاءِ نوگو ايريا ناھن، نوگو ايريا ھجن ھا ته پوليس ڪيئن وڃي ھا، ڪيئن وڙھي ھا. پوليس ڪچي ۾ گھمندي ڦرندي آھي. اسان کي تسليم ڪرڻ گھرجي ته موت خدا طرفان لکيل ھوندي آھي، جيڪڏھن موت نه لکيل ھجي ته ڪو به ڪنھنجو ڪجھه نٿو بگاڙي سگھي. ڪچي وارن علائقن ۾ مختلف وقتن تي ڪيل آپريشن ناڪام ٿيڻ، بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻيءَ چيو ته گھوٽڪيءَ ۾ پوليس آپريشن نه ھو، مغوين جي بازيابي لاءِ پوليس ڪارروائي پئي ڪئي، آپريشن جڏھن به ٿيو آھي، ڏوھاري فرار ٿي ويا آھن تنھن ڪري ڪاميابي ناھي ملي سگھي، ھميشه حڪمت عملي تحت آپريشن ٿيندو آھي، انشاءَ اللھ جلد رزلٽ سامھون اچي ويندو. سکر ڊويزن ۾ ھن وقت ست مغوي ڏوھارين وٽ يرغمال بڻيل آھن، خيرپور مان ڪو به شھري اغوا ناھي ٿيل، سکر ۽ خيرپور مان ڄاڻايل مغوي اغوا ٿيل آھن، پوليس ڪو به مغوي پئسا ڏئي واپس ناھي ڪرائيندي، ماڻھو پاڻ ڪوشش ڪن ٿا ته ٻِي ڳالھه آھي. اسان جي پاليسي ناھي ته مغوين کي پئسا ڏئي ڇڏايون. ھن چيو ته اها سڀني کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ ھٿيار ڪئين ايندا آھن. سڀني کي خبر آھي، جڏھن کان افغانستان ۾ جنگ ٿي آھي ته ھتي مختلف طريقن سان ھٿيار ايندا آھن. اِن کان اڳ شھيد انسپيڪٽر عبدالمالڪ ڪمانگر ٿاڻي جو شهيد جي والد عبدالغفور ڪمانگر، ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ گڏيل طور افتتاح ڪيو.