ڌاڙيلن جي خاتمي واري حڪمتِ عملي اثرائتي ثابت ٿيندي؟

0
125
ڌاڙيلن جي خاتمي واري حڪمتِ عملي اثرائتي ثابت ٿيندي؟

 اُتر سنڌ جي ڪچي وارا علائقا هن وقت نوگو ايرياز بڻيل آهن. چيو وڃي ٿو ته، سکر ۽ لاڙڪاڻي رينج ۾ ايندڙ ڪچي وارن علائقن ۾ صرف 50 کان 60 جي لڳ ڀڳ ڌاڙيلن جو حڪم هلندو آهي. سندن اجازت کانسواءِ پوليس توڙي قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار به ڪچي ۾ نٿا لهي سگھن، اڳ ۾ ڌاڙيل صرف ۽ صرف ٻنهي ريجنن جي ضلعن سکر، لاڙڪاڻي، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شڪاپور، گھوٽڪي، جيڪب آباد ۾ بحث جو موضوع بڻيل هئا ۽ ماڻهو سندن خوف سبب رات جو سفر ڪرڻ کان لنوائيندا هئا پر هِي سوشل ميڊيا جو دور آهي، ان ڪري هاڻي ڌاڙيل سڄي سنڌ ۾ خوف جي علامت بڻيل آهن، ڇاڪاڻ ته ڌاڙيل هر آئي ڏينهن ڪنهن نه ڪنهن مغوي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيندا آهن، گذريل ٻن ٽن سالن ۾ ڌاڙيلن نه صرف مغوين سان بدفعلي ڪري وڊيو رڪارڊ ڪري سوشل ميڊيا تي اپلوڊ ڪيون پر مغوين کي سخت تشدد جو نشانو پڻ بڻايو، تازو ئي هڪ مغوي جي وڊيو وائرل ڪئي وئي، جنهن کي پٽ سميت اغوا ڪيو ويو هو، ان کان علاوه آپريشن لاءِ ڪچي ۾ ويندڙ پوليس اهلڪارن کي شهيد ۽ زخمي ڪري بڪتربند گاڏين تي به قبضو ڪيو ۽ بڪتربند گاڏين تي چڙهي ڊانس ڪري رياستي رٽ تي طنز ڪندا رهيا، جيڪي وڊيوز پڻ سوشل ميڊيا تي تيزيءَ سان وائرل ٿينديون رهنديون آهن. سوشل ميڊيا تي اهڙيون وڊيوز اپلوڊ ٿيڻ سان نه صرف سڄي سنڌ ۾ خوف جي فضا قائم ٿئي ٿي پر پوليس پڻ ڊي مورالائيز ٿيندي رهندي آهي.

انهيءَ ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته موجوده آءِ جي سنڌ قابل آفيسر آهي، کيس ڌاڙيلن سان آپريشن ڪرڻ جو به تجربو آهي، گُذريل ٻن ٽن سالن ۾ وقفي وقفي سان ڌاڙيلن خلاف آپريشنز ۽ انهن آپريشنز دوران پوليس اهلڪارن جي شهادت وارن واقعن کانپوءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ نه صرف ڪچي ۾ آپريشن لاءِ نفري وڌائي، آر آر ايف جا ڪمانڊوز ڏنا، نيون بڪتربند گاڏيون خريد ڪيون، نوان ۽ جديد هٿيار پوليس لاءِ خريد ڪيا. ڊرون ڪئميرائن ۽ ٻين هٿيارن جي خريداري پڻ پراسيس ۾ آهي، آءِ جي سنڌ طرفان جوڙيل حڪمتِ عملي تحت ڪچي ۾ 250 پوليس چوڪيون قائم ڪرڻ ۽ ٻين اهم قدمن باوجود ڌاڙيلن خلاف آپريشن نتيجا ته نه ڏئي سگھيو پر رهندو شهرن ۾ اغوا ۽ ڦُرلٽ جي وارداتن ۾ اضافو ٿيو، پوليس طرفان ٺاهيل هڪ چوڪيءَ تي به ڌاڙيلن حملو ڪري ٻن اهلڪارن کي شهيد ڪري ڇڏيو هو، جنهن بعد چوڪين تي ڊيوٽي ڏيندڙ اهلڪار به خوف ۾ مبتلا ٿي ويا آهن. آءِ جي سنڌ، لاڙڪاڻي ۽ سکر جي ڊي آءِ جيز ڪڏهن غور ڪيو آهي ته آپريشن ڇو ناڪام ٿيندا آهن؟ هر ڀيري پوليس جو ئي نقصان ڇو ٿيندو آهي؟ سنڌ حڪومت پوليس تي اربين رپيا لڳايا، اهي اربين رپيا خرچ ڪرڻ باوجود آپريشن مان ڪو کڙتيل نه نڪرندو ته پوءِ جاني ۽ مالي نقصان جي ذميواري ڪنهن جي کاتي ۾ وِجھجي؟ ان لاءِ ضروري آهي ته، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ پنهنجي حڪمتِ عملي تي ٻيهر غور ڪري. آءِ جي سنڌ کي شڪارپور جي حساسيت جي خبر نه هجي، ائين نٿو ٿي سگھي، ان باوجود شڪاپور ۾ هڪ اهڙو ايس ايس پي لڳايو ويو، جنهن جي فرسٽ پوسٽنگ هئي ۽ هن 6 مهينن اندر امن ته قائم نه ڪيو پر سپاهين، هيڊ ڪانسٽيبلن ۽ اي ايس آئيز کي ٿاڻن تي ايس ايڇ او ضرور لڳائي ڇڏيو، ان جو نتيجو اهو نڪتو جو شڪارپور جو رهندو سهندو امن به تباهه ٿي ويو ۽ ڌاڙيل ٻيهر بي خوف ٿي ڪارروايون ڪرڻ لڳا، نيٺ آئي جي سنڌ کي احساس ٿيو ۽ هن ان آفيسر کي پهرين وضاحت لاءِ طلب ڪيو ۽ بعد ۾ کيس عهدي تان هٽائي ڇڏيو، ڪليم امام جي دور ۾ به شڪاپور ۾ ڪامران نواز کي ايس ايس پي لڳايو ويو هو، جنهن ڌاڙيلن خلاف آپريشن ته نه ڪيو پر تيغو خان تيغاڻي کي ايوارڊ ضرور ڏنو. ايس ايس پي جيڪب آباد به جونيئر آهي ۽ جيڪب آباد ۾ ان جي ٻي پوسٽنگ آهي. ان کان اڳ قمبر شهدادڪوٽ ۾ ايس ايس پي مقرر ڪيو ويو هو. جيڪب آباد جي ڪچي ۾ جکراڻي ڌاڙيل گروپ جو هن کان اڳ ڪو نالو نشان ئي نه هو، اڳ ۾ هوندا ته به ايتري دليريءَ سان وارداتون نه ڪندا هئا پر پوليسنگ جو اهو معيار وڃي رهيو جو انهيءَ گروپ هڪ ئي ڌڪ ۾ 6 اهلڪار شهيد ڪري ڇڏيا. اهڙيءَ ريت ايس ايس پي سکر ۽ ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ جي به پهرين پوسٽنگ آهي، ٿورو اڳتي اچو ته ايس ايس پي دادو جي به پهرين پوسٽنگ آهي، اهو به جونيئير آهي. منهنجو مطلب اهو ناهي ته کين پوسٽنگ نه ملڻ گُھرجي پر پوليسنگ جو به هڪ اصول آهي ته ضلعن جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي آفيسرن جي پوسٽنگ ڪئي ويندي آهي، جيئن پاڻ وٽ بدين، ٺٽو، عمرڪوٽ عام طور تي پرامن ضلعا آهن پر انهن جي ڀيٽ ۾ اتر سنڌ جي ضلعن ۾ امن امان جو مسئلو رهندو پيو اچي. ان جو اندازو ان مان لڳايو ته سينيئر آفيسر شيبر سيٺار ڪشمور- ڪنڌڪوٽ ۾ جوائن ڪرڻ بعد ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ڊگهي موڪل تي روانو ٿي ويو. ذريعن موجب امجد شيخ به في الحال حيدرآباد کي ڇڏڻ نٿو چاهي. ڪچي ۾ آپريشن لاءِ ”آپريشن جو تجربو“ هجڻ به ضروري آهي ۽ اهو به ضروري آهي ته مقامي ماڻهو ڪهڙي آفيسر تي ڪيترو ”اعتماد“ ڪن ٿا.

آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي 250 چوڪيون قائم ڪيون پيون وڃن، ڄڻ ته بارڊر ٺاهيو پيو وڃي ته اوهان ڪچي ۾ صحيح آهيو، ٻاهر نه نڪرو، اهو طريقو سمجهه کان ٻاهر آهي، ڇاڪاڻ ته ڌاڙيل جڏهن ٻرن مان نه نڪرندا تيستائين پوليس جي هٿ ڪيئن چڙهندا؟ ٿيڻ ته ائين گھرجي ها جو ڪچي جي مخصوص لنگھن تي رات جي پهر ”ايم بُش“ لڳايا وڃن ها، يعني 10-10 اهلڪارن تي مشتمل اينٽي ڊڪيت ٽيمون جوڙيون وڃن ها، انهن کي مخصوص لنگهن تي لڪ ڇپ ۾ رات جو ويهاري ڇڏين ها، جيئن گھات لڳائبو آهي، ڌاڙيل واردات ڪرڻ لاءِ نڪرن ها يا واردات ڪرڻ بعد ٻيهر انهن لنگهن تان ڪچي ۾ لهن ها ته گھات لڳائي ويٺل اينٽي ڊڪيت ٽيم جي ور چڙهي وڃن ها، ماضي ۾ ڏوهارين خلاف اهو ئي طريقو تمام گھڻو فائديمند ثابت ٿيو ۽ هاڻي به فائديمند ثابت ٿيندو، باقي چوڪين کي ته هو راڪيٽ لانچرن سان اڏائي ڇڏيندا ۽ ڌاڙيلن اهو پهريون حملو ڪري ثابت پڻ ڪيو آهي.

هن وقت به ضرورت انهي ڳالهه جي آهي ته ڄاڻايل ضلعن ۾ قابل ۽ عوامي اعتماد تي پورو لهندڙ آفيسرن کي مقرر ڪيو وڃي ۽ انٽيليجنس کي وڌايو وڃي.