ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب فيز فورٿ مڪمل طور بند ٿي ويو، پاڻي جي بيڪ پريشر سبب 72 انچ قطرپائپ لائين ڦاٽي پئي، جنهن سبب  ڪراچي جي مختلف علائقن کي پاڻي جي سپلاءِ معطل ٿي وئي آهي، جڏهن ته پائپ لائن ڦاٽڻ سبب پاڻي ڌاٻيجي جي مختلف علائقن ۾ ڪاهي پيو، روڊ تي پاڻي بيهڻ سبب عارضي طور تي پمپنگ اسٽيشن، پمپ هائوس ڪالوني ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن جو شهر ۽ قومي شاهراهه سان عارضي طور زميني رابطو ڪٽجي ويو، ٻي طرف پمپنگ اسٽيشن جي  ايگزيڪيوٽو انجنيئر موجب ته پاڻي تمام گهڻو آهي، مرمتي ڪم ۾ ڏکيائيون پيون ٿين، هن ٻڌايو 24 کان 36 ڪلائن تائين مرمتي ڪم مڪمل ڪيو ويندو.