ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي ڀرسان ڪي ڊي  اي ڪئنال ۾ ڪري فوت ٿيل تبلغي جماعت جي سموري فوتين جي سوين آلي اکين سان تدفين ڪئي وئي.  هڪ رات اڳ ڪي ڊي ي ڪينال ۾ ٻڏي فوت ٿي ويل  ماڻهن جي جنازي نماز النور گرائونڊ  ۾ ادا ڪئي وئي جنهن  ۾ وزير اعليٰ جو معاون خصوصي سيد رياض حسين شاھ شيرازي، امير حيدر شاھ ، رئيس عبدالغني بگھياڙ ، فقير نبي بخش ڪلمتي ، مختيار ميمڻ ، ملڪ انوار ملڪ عمران عبدالسلام سميت سوين ماڻھن شرڪت ڪئي. انهي موقعي تي ماحول سوڳوار ٿي ويو. فوتين ۾ ڌاٻيجي واسي حمزا خاصخيلي، آصف ٺاڻ ، گوهر بيگ، مقبول پنجاپي، رحمان گل ۽  غلام رسول  شامل آهن.