ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي جي پبلڪ پارڪ تي قبضو ٿي ويو آهي، جنهن خلاف جسقم ۽ سول سوسائٽي احتجاج ڪيو. ان ڏس ۾ جسقم اڳواڻ نظام جوکيو، رشيد بلوچ، امين بلوچ ۽ ٻين  چيو ته روينيو جي انتظاميا جي ملي ڀگت سان سنڌ جي تاريخي ماڳ  ڀنڀور جي زمين تي قبضي کانپوءِ ڌاٻيجي جي يونين ڪائونسل جي پبلڪ پارڪ تي ڪراچي جي لينڊ مافيا مقامي روينيو انتظاميا جي ملي ڀگت سان قبضو ڪري راتو رات شاپنگ پلازه  جي بنياد وجهي ڇڏيو آھي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪبو تاريخي ماڳ سميت پبلڪ پارڪ هتان جي ماڻھن جون ملڪيتون آھين لينڊ مافيا پنهجو قبلو درست ڪري ٻئي صورت ۾ ڪراچي ٺٽو مين نيشنل هائي بلاڪ ڪري تاريخي ڌرڻو هنيو ويندو ھوڏانھن  اي سي ساڪرو ايٽ گھارو سان رابطو ڪرڻ تي اي سي ساڪرو ناصر عباسي چيو ته پارڪ تي قبضو غيرقانوني آهي جلد ڪارروائي ڪئي ويندي.