ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري جي انتظاميا پاران مقامي پورهيتن جي جبري برطرفي خلاف مقامي ڳوٺاڻن جو فيڪٽري جي مک گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو انهي موقعي تي مختلف مقامي ڳوٺن جي ڳوٺاڻن سومار جوکيو  , ڪامريڊ عبدالحفيظ جوکيو  , مهردين جوکيو , ڊاڪٽر  افضل جوکيو ۽ ٻين چيو ته  ڌاٻيجي مل ايريا ۾ قائم نجي فيڪٽري  ۾ مقامي پورهيت لاءِ روزگار جا در بند ڪيا ويا آهن مل انتظاميا ٻين صوبن جا ماڻھو گهرائي ڪري مقامي پورهيتن کي بيروز گار ڪري بک بدحالي ۽ فاقاڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي  اٽي ۾ لوڻ برابر ڪم ڪندڙ مقامي پورهيتن سان ماٽيلي ماء وارو سلوڪ ڪري رهي انهن کان نجي جيل جيان ڪم ورتو ٿو وڃي جڏھن ته ٻين صوبن جي پورهيتن کي نجي فيڪٽري جي اندر رهائش کاڌو پيتو سميت هر بنيادي سهولت ڏني ٿي وڃي جڏھن ته مقامي پورهيتن کي تپ جي ٽڪي به نٿي ڏني وڃي جيڪا سراسر انصافي ۽ زيادتي آھي ۽  قابل  مذمت جوڳو عمل آھي هن وڌيڪ الزام مڙھيندي چيو ته نجي فيڪٽري  انتظاميا  وزير اعليٰ سنڌ پاران  اعلانيل پگھار جي  مطابق پورھيتن کي اجورو ڏيڻ بدران پنهنجي ڏاڍ ۽ بدمعاشي تي قائم رهندي مقامي  پورھيتن کي ٺيڪداري جي آڙ ۾ 475 رپيا ڏيھاڙي ڏي سرار ناانصافي ڪري رھي آهي گذريل 10 ورهين کان نجي فيڪٽري امريلي اسٽيل مل ۾ چوڌرائپ لاء ويٺل بااثرن جا ماڻھو صغير شاھ راشدي  , مختيار شاھ, لطيف بانو مقامي پورهيتن سان تعصب پرستي ڪري رهيا آھن ۽ جيڪو به پورهيت پنهجي جائز حق لاء ڳالهائي ٿو ان کي پوليس ۽ رينجرز جو ڌمڪيون ڏئي ڪري هيسائي ڪري روزگار تان هٿ کڻائي ٿو ڇڏي. انصاف ڪيو وڃي.