ڳاڙهو (ن پ ا) دانڌاري جي هندو ناري مسلمان ٿي شاھد انڙ سان نڪاح ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا ڪاغذات ٿاڻي تي پهچي ويا  آهن. ان ڏس ۾ ڪجهه ڏينهن پهرين ڳاڙهي ويجهو دانڌاري ڳوٺ مان شاهد انڙ هٿان اغوا ڄاڻايل ناري والٻائي عرف سلميٰ ميگهواڙ جي مسلمان ٿيڻ ۽ شادي ڪرڻ جا ڪاغذ ڳاڙهو ٿاڻي تي پهتا، پهتل ڪاغذن موجب هن ڪراچي جي سيد سجاد حسين شاھ بخاري جي هٿ هيٺ اسلام قبول ڪري شاهد انڙ سان نڪاح ڪري ورتو آهي ۽ اهڙو نڪاح نامون به پوسٽ ذريعي ڳاڙهي ٿاڻي تي پهتو آھي. ٻئي طرف اغوا ڄاڻايل ناري جي والد پنجو ميگهواڙ پاران ٺٽو جي عدالت سڳوري ۾ داخل ڪيل درخواست تي عدالت سڳوري اڄ سومر 17 اڪٽوبر تي هر حال ۾ ناري کي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڳاڙهو پوليس کي جاري ڪيو ويو آھي، جڏهن ته هندو ناري سلميٰ والٻائي جي والد پنجو ٿاڻي تي پهتل نڪاح نامي ۽ ٻين کي ڪوڙو قرار ڏنو آھ سندس چوڻ آھ ته سندس نياڻي تي تشدد ڪري زبردستي ڪاغز ٺآھيا ويا آھن