ڌاري آبادڪاري سبب ڪراچي ۾ ڏوهه وڌيا آهن: ايڊيشنل آءِ جي جو اعتراف

0
282
ڌاري آبادڪاري سبب

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ ڪي پي ۽ ٻين صوبن مان ماڻهن جي آمد سبب بدامني وڌي آهي، منشيات جي واهپي توڙي وڪري ۾ اضافو ٿيو آهي

ايڊيشنل آءِ جي جاويد عالم اوڍو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري رهيو هو، سندس چوڻ هو ته هڪ مهينو اڳ عهدو سنڀاليو آهي، ڪراچي پوليس جي هڪ مهيني جي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏيندس

هن چيو ته ڪراچي ۾ آبادي وڌي آهي، ڪي پي ڪي سميت ٻين صوبن مان ماڻهو اچي آباد ٿيا، ان ڪري تشدد جا واقعا وڌيا، پر ان باوجود  پوليس جي بهترين ڪارڪردگي سبب هن مهيني قتل جي واقعن ۾ گهٽتائي آئي آهي

هن ٻڌايو ته اسٽريٽ ڪرائيم جا 537 ڪيس داخل ٿيا، مئي ۾ تعداد 485 هو، اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 17 سيڪڙو اضافو نظر آيو، اهو ان ڪري جو ڏوهن جي رجسٽريشن ترجيحي بنيادن تي ڪئي آهي

هن چيو ته مجموعي طور مئي کان 51 قتل، هن مهيني 35 قتل ٿيا، قتل واقعن ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي