ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ٿاڻي جي حد  ٽنڊوجان محمد روڊ تي مقصود واٽر جي رهواسي زميندار عادل حسين جٽ کي سخت زخمي حالت ۾ سندس وارث تعلقي اسپتال ڊگهڙي کڻائي پهتا، جتي ڊاڪٽرن طبي امداد بعد کيس حيدرآباد ريفر ڪيو، زخمي جي وارثن موجب پاڻي ورائڻ ويل زميندار تي بااثرن حملو ڪري کيس زخمي ڪري ڇڏيو آهي، ٻي طرف آبپاشي کاتي ڊگهڙي جي عملدارن ڊگهڙي ٿاڻي تي پهچي داروغي سيد غلام عباس شاھ زخمي زميندار جي ڀاء عابدحسين جٽ، سندس هاري سليم ڪنڀار ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف پاڻي چوري جو ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو آهي.