ڊگهڙي (ن پ ا) ٽائون ڪاميٽي ڊگھڙي جي نئين چونڊيل ڪائونسلر محمد آصف جٽ جي گهر ٻاهران بيٺل آسٽريلين نسل جي ڍڳي گذريل رات دير سان 2 چور چوري ڪري فرار ٿي ويا ته ڀاڳين ۽ پوليس پيڇو ڪري ٻن ڄڻن نادر علي جوڻيجو ۽ نثار احمد جوڻيجو کي ڪوٽ غلام محمد روڊ فقير موڙ اسٽاپ وٽان سوگهو ڪري ڍڳي هٿ ڪري ورتي، پوليس ڪائونسلر جي فرياد تي نادر علي، نثار احمد جوڻيجو ۽ هڪ نامعلوم جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.