ڊگھڙي (ن پ ا) موٽرسائيڪل جي ڏيتي ليتي تان ڊگهڙي ۾ نوحاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، نتيجي ۾ حاجي بچايو نوحاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي پوليس ميڊيڪل ليٽر ڏئي تعلقي اسپتال ڊگھڙي اماڻيو، زخمي موجب جوابدارن موٽرسائيڪل جا پئسا گهرڻ تان مڇرجي حملو ڪري زخمي ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.






























