ڊگهڙي (ن پ ا) ڊگهڙي شهر ۾ ٽنڊوجان محمد روڊ تي راجا ٽائون وٽ نئون ڪوٽ کان ميرپورخاص ويندڙ مسافر ڪوچ ڪار کي اور ٽيڪ ڪندي ڪلٽي ٿي پئي جنهن جي نتيجي ۾ ڪوچ ۾ سوار مسافر ميرپورخاص جو رهواسي فراز احمد خاصخيلي ۽ بابو ڳوٺ جو رهواسي چيتن ڪولهي زخمي ٿي پيا. جڏهن ته ڪوچ ۾ سوار ٻيا مسافر معجزاڻي طور تي محفوظ رهيا،زخمين کي تعلقي اسپتال ڊگھڙي ۾ طبي امداد فراهم ڪئي.