ڊگھڙي(ن پ ا)عوامي تحريڪ ضلع ميرپورخاص جي کاهوڙي اڳواڻ شھيد عارب چانڊيو جي ڇهين ورسي عوامي تحريڪ تعلقي ڊگهڙي پاران ڳوٺ چاڪر خان چانڊيو دولت موڙ ۾ ملهائي وئي، ورسي جي موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ اياز کوسو، ميربخش جروار، اي ڪي احمداڻي ۽ ٻين سندس مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ڀيٽا پيش ڪئي، جنهن بعد ورسي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته شهيد عارب چانڊيو قرباني، جدوجهد ۽ تنظيم جي سڃاڻپ هو، جنهن پنهنجي پارٽي نظريي ۽ وطن جي پورهيت پنهوارن لاءِ زندگي جي آخري گهڙي تائين جدوجهد ڪئي، هو علائقي جي مسڪين ماڻھن جي واهر ڪندي شھيد ڪيو ويو.