ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان رٻاري ڦاٽڪ جي رهواسڻ پنجن ٻارن جي ماءُ پالي زال جيرام ڪولهي مڙس جي ظلمن کان تنگ ٿي زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ تعلقي اسپتال ڊگھڙي آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد فراھم ڪري حياتي بچائي ورتي.