ڊگهڙي (ن پ ا) ڊگھڙي پوليس جو ٻن ٺري جي بٺين تي ڇاپا، هزارين ليٽر شراب هٿ، 2 ڄڻا گرفتار. ڊگھڙي پوليس شھر جي کڏي پاڙي ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي بابر علي شيخ کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1620 ليٽر ٺرو هٿ ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف ڳوٺ ڀوڳي خان نوحاڻي ڀرسان ديوين جي جهنگ ۾ شراب جي بٺي تي ڇاپو هڻي شوڪت مڱڻهار کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 1020 ليٽر ٺرو هٿ ڪري مٿس منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري کيس لاڪپ حوالي ڪري ڇڏيو.