ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي پوليس جي ڪارروائي ڪورٽ مان فرار ٿيل قيدي گرفتار، خبر موجب 4 مهينا اڳ ميرپورخاص جيل جي قيدي ممتاز مڱڻهار کي شنوائي تي ڊگهڙي عدالت آندو ويو هو، جتان هو وجھه وٺي چوديواري ٽپي فرار ٿي ويو هو، پوليس ڪالهه ڳوٺ ديهه 160 ڀرسان ڇاپو هڻي کيس گرفتار ڪري سندس قبضي مان بغير لائسنس پسٽل هٿ ڪري ورتو، پوليس جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو جتان عدالت کين جيل اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.