ڊگهڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي واسڻ 24 ورهين  جي ڪنول راجپوت ڊگهڙي ۾ صحافين اڳيان احتجاج ڪندي دانهيندي چيو ته  2016 ۾ منهنجي شادي جهڏو واسي احسان راجپوت سان ٿي، جنهن مان مونکي ٻن ٻارڙن جو اولاد پڻ آهي، آئون پنهنجي گهر ۾ خوش هئس، 2020 ۾ آئون مائٽن سان ملڻ لاءِ ڪوٽڙي ويس، جتي منهنجي والد مونکي 3 لکن عيوض سکر سان تعلق رکندڙ رٽائرڊ پوليس عملدار وٽ وڪرو ڪري منهنجي مڙس احسان راجپوت کان طلاق وٺڻ لاءِ سخت تشدد ڪري دٻاءُ وڌو ويو، جنهن بعد پوليس اهلڪار مونکي يرغمال بڻائي سکر کڻي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ قيد مان وجھه وٺي آزاد ٿي ميرپورخاص پهتي آهيان، هن چيو ته والد منهنجي ڪوڙي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪرائي آهي،  اڳوڻي مڙس احسان راجپوت، سهري اسلام راجپوت ۽ ڏير کي گرفتار ڪيو ويو آهي،  مونکي ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، اڳوڻي مڙس، سهري ۽ ڏير کي آزاد ڪري  تحفظ فراهم ڪيو وڃي.