ڊگھڙي (ن پ ا) ڊگهڙي ڀرسان ٽنڊوجان محمد روڊ تي ڳوٺ جلال ابڙينگ اسٽاپ تي موٽرسائيڪل سوار غلام فريد ولد فيروزالدين آرائين جو روڊ ڪناري بيٺل ٽريڪٽر ٽرالي سان ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ غلام فريد سخت زخمي ٿي پيو، زخمي شخص کي فوري طور تي تعلقي اسپتال ڊگھڙي آندو ويو جتي کيس طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد حيدرآباد ريفر ڪيو ويو پر زخمي شخص زخمن جا سور نه سهندي ڊگهڙي ڀرسان ڪنگورو شاخ تي دم ڌڻي حوالي ڪيو. فوتي شخص جو لاش تعلقي اسپتال ڊگهڙي آندو ويو جتي وارثن سخت احتجاج ڪيو ۽ ڊاڪٽرن تي غفلت جو الزام هنيو.