ڪراچي (نمائندن وٽان) ڊگهڙي ۾ يوريا ڀاڻ جي کوٽ خلاف وڪيلن جي داخل درخواست تي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، درخواست گذار وڪيل ايوب رمداڻ صحافين کي ٻڌايو ته اسان وڪيلن طرفان زرعي ڀاڻ جي کوٽ خلاف درخواست تي سول جج ون جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ زرعي ڀاڻ ايف ايف سي ڪمپني جو ڊائريڪٽر، اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار ڊگهڙي جو نمائندو، ايگريڪلچر ڊپارٽمينٽ جو فيلڊ آفيسر پيش ٿيا، هن چيو ته عدالت ۾ پيش ٿيل ڌرين وٽ ڀاڻ جي فراهمي بابت ڪو به تفصيل موجود نه هو، هنن عدالت کان وقت گهريو، ايندڙ ٻڌڻي پهرين فيبروري تي ٿيندي،ڳڙهي خيرو ۾ پيپلز ھاري ڪاميٽي طرفان يوريا ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ، بليڪ تي وڪري ۽ اسمگلنگ خلاف حسين بخش جمالي ، يوسف رئيساڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڪولاب جيئل ۾ ۾ ڀاڻ جي بليڪ تي وڪري خلاف ڪارروائي ڪندي واپاري غلام علي آرائين جي دڪان تي ڇاپو هڻي سندس گدام سيل ڪيو ويو.  جڏھن ته واپاري نعمت شيخ جي دڪان تي رکيل يوريا برآمد ڪري آبادگارن ۾ سرڪاري اگھه تي وڪرو ڪيو ويو.