ڊگهي ڪيريئر لاءِ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي اهميت ڏيڻي پوندي: حسن علي

0
358

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي فاسٽ بالر حسن علي چيو آهي ته جيڪڏهن وڏي ڪرڪيٽ کيڏڻي آهي ته فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ کي اهميت ڏيڻي پوندي. هراري مان وڊيو ڪانفرنس ڪندي حسن علي چيو ته منهنجي واپسي ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ جو ڪافي اهم ڪردار آهي، جيڪا ڊوميسٽڪ ۾ محنت ڪئي ان جو ئي ڦل انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ ملي رهيو آهي. حسن علي چيو ته مون پنهنجي فٽنيس ليول تي تمام گهڻو ڪم ڪيو آهي، فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ ڊگهي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو ڪافي تجربو ٿيو آهي. پهريون ڀيرو بيڪ ٽو بيڪ ايتريون فرسٽ ڪلاس ميچز کيڏيون هيون، جڏهن ٻائر هئس ته هڪ وقت هو جڏهن مان ڪافي پريشان هئس، لڙڪ به لاڙيا هئم پر پنهنجي محنت جي سلسلي  کي ڪڏهن به نه ڇڏيو اهو سوچيو هو ته واپسي ضرور ڪندس ۽ ائين ڪندس جو سموري دنيا ڏسندي.