ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ۾ گذريل رات دير سان مبينا طور پسند جي پرڻي لاءِ گهران نڪري ويندڙ پريمي جوڙي کي پوليس هٿ ڪري ورتو، ڪار ڊرائيور ۽ نوجوان لاڪپ، ناري وارثن حوالي. خبر موجب ڳوٺ لونگاڻي شريف ۾ ناري رزالا منگي ۽ نوجوان عباس منگي پسند جي پرڻي لاءِ مبينا طور گهران نڪري ويا، جن کي گشتي پوليس هٿ ڪري ورتو، پوليس نوجوان عباس منگي ۽ ڪار ڊرائيور نويد چانڊيو کي لاڪپ ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ناري کي وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان عباس منگي ٻڌايو ته ناري کي هو پسند ڪري ٿو ۽ ٻئي شادي ڪرڻ چاهين ٿا، هن چيو ته پوليس کين بيگناهه گرفتار ڪيو آهي. هن ٻڌايو ته ناري جي وارثن کان سڱ گهريو، گذريل رات ناري سان ملڻ آيو هئس، واپس ويندي وارثن پڪڙي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، هن چيو ته جيڪڏهن ناري کي ڪجهه ٿيو ته هو به پاڻ کي ماري ڇڏيندو. ڊکڻ پوليس معاملي کي لڪائيندي رهي، جڏهن ته ايس ايڇ او ٻڌايو ته منگي برادري جي ماڻهن نوجوان کي شڪ جي بنياد تي پڪڙايو آهي، جنهن ۾ پريمي جوڙي کي هٿ ڪرڻ جي ڪا به ڳالهه ناهي.