ڊکڻ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ھڪ ڄڻو مارجي ويو، ڌرڻو

0
290

ڊکڻ/شڪارپور (نمائندن وٽان) ڊکڻ ۾ چانڊيا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل شخص جي وارثن پاران ڌرڻو ھنيو ويو آھي، ڊکڻ ۾ جهيڙي دوران مارجي ويل  شخص جي وارثن پاران رتوديرو روڊ  ۽ ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو

مقتول مير خان چانڊيو جي وارثن هاءِ وي  تي لاش رکي ڌرڻو هڻڻ بعد ايس ايس پي  آفيس آڏو ڌرڻو هنيو، نعريبازي ڪئي وئي

مقتول جي ڀيڻ حسينا چانڊيو جو چوڻ ھو تھ 2014۾ اسان جي ڀيڻ رضيه کي قتل ڪيو ويو، ڪيس تان هٿ نه کڻڻ تي ڀاءُ  مير خان به مارجي ويو

مقتول جي ڀيڻ حسينا چانڊيو موجب پوليس تي اعتماد ناهي، قاتلن جي  گرفتاري تائين لاش نه دفنائينداسين، جهيڙي دوران زخمي ٿيل  مقتول جو ڀاءُ غلام شبير ڳڻتي  جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو