ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنهنجا تي پوليس اٽالن چانڊيا برادري جي جهيڙيندڙ ٻن ڌرين سڪندر چانڊيو ۽ حب علي چانڊيو مان حب علي چانڊيو جي گهرن تي چڙهائي ڪئي ته ڌرين ۾ فائرنگ شروع ٿي وئي، سڪندر چانڊيو جي ڌر جو شاهد چانڊيو گوليون لڳڻ سبب مارجي ويو، جڏهن ته زبير چانڊيو زخمي ٿي پيو، زخمي کي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو، لاش 3 ڪلاڪن بعد پوليس پهچي هٿ ڪري مدئجي تعلقي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪيو، واقعي بعد ڌريون مورچا بند ٿي ويون. هوڏانهن مقتول شاهد چانڊيو جي سئوٽ سڪندر چانڊيو ٻڌايو ته اسان جا ماڻهو زمين تي ڀاڻ ڇٽي واپس اچي رهيا هئا ته جوابدار ڌر حب علي چانڊيو وارن  فائرنگ ڪري هڪ کي قتل ۽ ٻئي کي زخمي ڪيو آهي،