ڪوٽڙي (رپورٽر) مهينو اڳ  شڪارپور جي ڊکڻ ٿاڻي جي حد ۾ بي دردي سان قتل ڪيل مير خان چانڊيي جي ڀيڻ حسينا چانڊيو انصاف لاءِ ڪوٽڙي پريس ڪلب تي پهچي وئي، جتي روئندي هن ميڊيا آڏو ٻڌايو ته منهنجي ڀاءُ مير خان چانڊيي کي ستر گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪري ٻئي ڀاءُ ۽ ڀاڄائيءکي به گوليون هڻي سخت زخمي ڪيو ويو. ڀاءُ جو لاش کڻي ٿاڻي ۽ روڊن رستن کي احتجاج ڪندي رهيس پر ڪنهن به انصاف نه ڪيو. ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ ڀاڄائي کي زخمي ڪرڻ جي منهنجي مٿان ڪوڙي ايف آء آر به داخل ڪئي وئي. 2014 ۾ ڀيڻ رضيه کي به گهريلو مسئلن سبب قتل ڪيو ويو. اسان جي سموري جائداد ۽ زمينن تي به قبضو ڪيو ويو، آهي. 26 سيپٽمبر 2022ع تي ڀاءُ قتل ٿيو پر اڃان جوابدار گرفتار ناهن ٿيا، پوليس جوابدارن سان مليل آهي. جوابدارن تشدد ڪري مال متاع کي به گوليون هڻي ماريو ويو. ڪيس تان هٿ کڻڻ لاء مارڻ جي ڌمڪيون ڏنيو پيون وڃن. دربدري واري زندگي گذاي رهي آهيان. ميرٽ تي ٽيچر به مقرر ٿي آهيان پر زندگي کي خطرو هجڻ سبب ڊيوٽي تان غير حاضر آهيان، جنهن ڪري نوڪري تان به سسپينڊ ڪيو ويو آهي. ڀاء کي قتل ڪندڙ مک جوابدار سڪندر، سڄڻ چانڊيو، علي حسن، زبير ۽ ٻيا پوليس جي سرپرستي ۾ سرعام گهمن پيا. زندگي کي خطرو آهي. عدالتون ۽ ٻيا لاڳاپيل ادارا انصاف ڏيارين ۽ تحفظ ڏيارين.