ڊکڻ (ن پ ا) غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ دولت کوسو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل سهاڳڻ زال ڪبير  کوسو جو  سرڪار پاران اي ايس آءِ لونگ منگي جي فرياد تي ٽن جوابدارن ڀاءُ الهرکيو ۽ ٻن چاچن خان جان ۽ بهرام کوسو خلاف داخل ڪيو ويو، فريادي ڄاڻايو ته اطلاع مليو ته ناري سهاڳڻ زال ڪبير کوسو کي ياسين کوسو سان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام ڏئي قتل ڪيو پيو وڃي، اسانجي پهچڻ تي کيس گوليون هڻي قتل ڪري جوابدار فرار ٿي ويا،واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ بعد جوابدارن جي گرفتاري لاءِ پوليس مختلف هنڌن تي ڪارروايون ڪيو آهن پر ڪوئي به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو.