ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ جي شاهي بازار مان چور فدا ميمڻ جي ڪرياني دڪان جي ڇت ڀڃي روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا، پوليس ڳاهيجا ٿاڻي جي آءِ او سب انسپيڪٽر ڪمال جيهو جي پٽ واجد ۽ سلمان پٽ عاشق جيهو کي گرفتار ڪري  ورتو، ٻنهي ڄڻن چوري جو اعتراف ڪندي روڪ رقم ۽ ٻيو سامان واپس مالڪ حوالي ڪيو، ڊکڻ پوليس موجب چوري واپس ڪرائي آهي.