ڊکڻ ڀرسان چانڊيا برادري ۾ جهيڙو، علائقو جنگ جو ميدان

0
189

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ڀرسان ڳوٺ جوابپور ۽ الهرکيو چانڊيو ۾ چانڊيا برداري جي ٻن ڌرين حب علي ۽ سڪندر علي چانڊيو ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران ڌرين هڪ ٻئي تي ڇتي فائرنگ ڪري ڏني جنهن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو، فائرنگ سبب ڳوٺ بخشا شاخ جي رهواسي عورتن سائما، بختاور ۽ رشيدا خاتون جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پاڪ ڪتاب کڻي شڪارپور رتوديرو نيشنل هاءِ وي روڊ تي ڊکڻ ٿاڻي اڳيان رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي عورتن دانهيندي ٻڌايو آهي ته سڪندر چانڊيو ۽ حب علي چانڊيو اسان جا رشتيدار آهن، جهيڙي سان ڪوئي واسطو ناهي، هن وقت سڪندر چانڊيو جي ڌر اسان جي ڳوٺ بخشا شاخ وٽ گهرن تي حملو ڪري گهيرو ڪري فائرنگ ڪئي آهي، جنهن سبب اسان جا مرد ڦاٿل آهن، ڊکڻ پوليس کي اطلاع ڏنو آهي پر پوليس ڪجهه نٿي ڪري، هنن چيو ته جيستائين پوليس اسان سان نه هلندي تيستائين اسان ڌرڻو ختم نه ڪنداسين.