ڊکڻ (ن پ ا)ڳوٺ جھانگي فقير ۾ پيرسن ڌنار مولابخش ککراڻي سکر واھ ۾مينهون ڪڍڻ دوران لٿو ته ٻڏي ويو، رڙين تي ڳوٺاڻن پهچي پيرسن کي پاڻي مان ڪڍيو ته هو فوت ٿي چڪو هو، پيرسن جو مڙھ گهر پهچڻ تي ڪهرام پئجي ويو، سعيد ککراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته والد مال چارڻ ويو، پاڻي ۾ مينهون لٿيون ڪڍڻ لاءِ سکر واھ ۾ هيٺ لٿو ته پاڻي وڏو هجڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو آهي.