ڊکڻ (ن پ ا) بڊو ٿاڻي جي حد شڪارپور رتوديرو نيشنل هاءِ وي شهيد پرويز معرفاڻي ٿرڙي پوليس چوڪي  وٽ اهلڪارن مشڪوڪ ڪار کي بيهارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪار سوارن اهلڪارن مٿان فائرنگ ڪئي، بڊو ٿاڻي جو پوليس اهلڪار اياز شيخ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، زخمي کي ڳڙهي ياسين اسپتال نيو ويو. مديجي پوليس واھ بئراج پل وٽان ڪار کي تحويل ۾ ورتو، زخمي اهلڪار اياز شيخ ۽ ايس ايچ او بڊو ممتاز چنو  ٻڌايو ته هڪ مشڪوڪ ڪار جيڪا بڊو کان ڊکڻ طرف وڃي رهي هئي ان کي بيهڻ جو اشارو ڪيو ته هنن اسان مٿان فائرنگ ڪئي جنهن ۾ هڪ اهلڪار زخمي ٿيو آهي ناڪابندي ڪري ڪار مديجي پوليس پڪڙي آهي وڌيڪ جاچ ڪيون ٿا.