ڊکڻ ويجهو ڳوٺ مڪن جلباڻي تي رتوديرو پوليس جي چڙهائي، مبينا فائرنگ ۾ عورت زخمي

0
250

ڊکڻ (رپورٽر) ڊکڻ ويجهو ڳوٺ مڪن جلباڻي تي رتوديرو پوليس جي وڏن اٽالن ايس ايڇ او او عبدالغفور ڇٽو جي اڳواڻي ۾ چڙهائي ڪري گهر گهر تلاشي ورتي، پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ زاهدان زال راشد جلباڻي گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پئي آهي، زخمي عورت جي وارث عورتن ۽ مردن فاطما رخسانا ۽ راشد جلباڻي قرآن پاڪ کڻي رتوديرو جيڪب آباد انڊس هاءِ وي روڊ تي رڪاوٽون رکي احتجاجي مظاهرو ڪري روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي مظاهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رتوديرو پوليس بلاوجواز گهرن تي چڙهائي ڪئي، پوليس فائرنگ ڪري ناري زاهدان کي زخمي ڪيو، هنن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته رتوديرو پوليس خلاف زخمي عورت جو ڪيس داخل ڪري انصاف ڪيو وڃي. جڏهن ته روڊ بند هجڻ سبب مسافر سخت پريشانين کي منهن ڏسڻو پئجي ويو.