ڊپ اٿم ته ڪٿي پاڪستان ئي نه ٻڏي وڃي: بلاول ڀٽو زرداري

0
220

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته لارجر بينچ چونڊن جو فيصلو ٻڌائي ته پيپلزپارٽي سڀاڻي ئي چونڊون وڙهڻ لاءِ تيار آهي، اسان انهي عدالت ۽ چيف جسٽس جِي لارجر بينچ جَي فيصلي کي مڃڻ لاءِ تيار آهيون

ڳڙهي خدابخش ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي 44 هين ورسي تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته چيف جسٽس صاحب! پاڪستان کي بچايو، خدشو آهي ته تخت لاهور جي ويڙهه ۾ سمورو ملڪ ٻڏي ويندو

هن چيو ته جيڪڏهن اِها بدنيتي ناهي ته لارجر بينچ بڻائڻ ۾ ڪهڙو مسئلو آهي، اسان پارليامينٽ جي آمريت کي نه ٿا مڃون ته سپريم ڪورٽ جي آمريت کي ڪيئن مڃينداسين؟

بلاول چيو ته ججز جو ڪم ئي ناهي ته هُو فيصلو ڪن ته چونڊون ڪڏهن ٿينديون، 2018 ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪردار اسان جي سامهون آهي، افتخار چوڌري کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ آمريت واري سوچ جو بنياد پيو، افتخار چوڌري کي هيرو بڻائي عدالت کي تباهه ڪيو ويو

هن کي به پڙهندا

اليڪشن ملتوي ڪيس: صدر جو فيصلو بحال: عدالت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو اڏائي ڇڏيو، وڏو حڪم جاري

4اپريل تي ذوالفقار ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، اڄ وري عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو: وزير اعظم

عمران کي ٻيهر وزيراعظم بڻائڻو آهي، ڪارڪن تياري ڪن: شاهه محمود قريشي

وفاقي ڪابينا اليڪشن بابت سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

وفاقي ڪابينا پاران فيصلي کي رد ڪرڻ ڪافي ناهي، آئين جا بخيا اڍيڙيندڙ کي ڪٽهڙي۾آڻيو: مريم نواز