خيرپور (رپورٽر) خيرپور جي عدالت شهريءَ جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي ڊپٽي ڪمشنر، اي سي، مختيارڪار سميت 8 ڄڻن خلاف نوٽيس  جاري ڪري ڇڏيا. فرسٽ سول جج اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ شبانه سهتو جي عدالت، خيرپور جي شهرين جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ خلاف ڳوٺ علي شير ڪٽوهر جي رهواسي ڪمال الدين ڪٽوهر جي شڪايتن تي ڪارروائي ڊي سي، اي اسي، مختيارڪار، چيف ميونسپل آفيسر، ايگزيڪيوٽو انجنيئر ورڪس اينڊ سروسز ۽ نوٽيس جاري ڪندي کين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ طلب ڪري ورتو آهي.