سکر: عدالت ڊي سي گهوٽڪي کي ڇنڊ پٽي ۽ چيو ته سول جج شاهد آهن ته سامان جي منصفاڻي ورڇ ناهي ٿي. عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس صلاح الدين پنهور چيو ته سول ججن جي رپورٽ جي روشني ۾ سامان جي منصفاڻي ورڇ نه ٿي آهي. ڊي سي خيرپور اعتراف ڪيو ته جيترن ماڻهن جو نقصان ٿيو آهي اوترن کي سامان نه ملي سگهيو آهي. سکر انتظاميا ٻڌايو ته 15 کان 20 هزار بيگهر ماڻهو جيڪا سخت خطري ۾ آبادي آهي انهن کي سامان ڏئي چڪا آهيون. عدالت ڊي سي گهوٽڪي کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته توهان ڪيترا تنبو ۽ سامان ورهايو.